ڌڻي بخش ناقص

ڌڻي بخش ’ناقص‘: شاعر، اديب، سياسي، سماجي ورڪر ۽ صحافي شيخ ڌڻي بخش ’ناقص‘ ولد رئيس محمد انور 7 جون 1899ع تي ڳوٺ گاهي خان تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. فائنل امتحان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ استعيفيٰ ڏئي زمينداري ڪرڻ لڳو. هي تحريڪ خلافت جو سرگرم ڪارڪن هو. سجاول خلافت ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. ڪراچي ڊسٽرڪٽ زميندار ۽ جاگيردار ايسوسيئيشن جو 1932ع کان 1935ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. 1935ع ۽ 1938ع ۾ صوبي سنڌ خلافت ڪيمٽيءَ جي اجلاس ۾ هن علائقي جي نمائندگي ڪئي.1935ع ڌاري الوحيد اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. هي بزم ادب ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. 1945ع جي اليڪشن ۾ نامور سياستدان يوسف هارون جو پولنگ ايجنٽ رهيو. پهرين نومبر 1946ع تي الوحيد اخبار مان استعيفيٰ ڏئي ’قرباني‘ اخبار سان وابسته ٿيو ۽ ’قرباني‘ اخبار جي چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڌڻي بخش شاعر سان گڏ سٺو نثر نويس به هو. آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن 1947ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.06.07  عيسوي

شاعر، اديب، سياسي، سماجي ورڪر ۽ صحافي شيخ ڌڻي بخش ’ناقص‘ ولد رئيس محمد انور 7 جون 1899ع تي ڳوٺ گاهي خان تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زڪيه بيگم
محمدعثمان سومرو
ضياء الدين برني 1
رحماني مفتي خان محمد
جلال حجام سنڌي شيخ
ڄام پراگمل- I
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
رقيه خانم سومرو
پير سومرو2
الهبچايو مرڻاس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون